ڀٽي عبدالستار جو ڪتب خانو

ڀٽي، عبدالستار جو ڪتب خانو: شهدادڪوٽ شهر جي مشهور ۽ معروف استاد ۽ ميونسپل نيشنلائيز هاءِ اسڪول جي رٽائرڊ هيڊماستر عبدالستار ڀٽيءَ جي نالي سان هي ڪتبخانو قائم آهي. عبدالستار ڀٽي چاليهه سال تعليمي ميدان ۾ ڏنا، جنهن ۾ زندگيءَ جا 27 سال هيڊماستر رهيو. ڀٽي صاحب پنهنجي ڪتب خاني جو آغاز 1943ع ۾ ڪيو. ان وقت سندس عمر سورهن سال مس هئي. سندس ڪتب خاني ۾ هزارين ڪتاب موجود آهن. جيڪي سنڌي، اردو، عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ آهن. اهي ڪتاب اسلاميات، تاريخ، سوانح حيات، ادب، لغات، شعر، ناول، افساني، سفر نامي، لوڪ ادب، نفسيات، عمرانيات، معاشيات ۽ سياسيات وغيره بابت آهن. ان کان سواءِ سندس ڪتب خاني ۾ ڪافي پراڻن علمي رسالن جو ذخيرو پڻ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو